آستانه – 4 جولاءِ (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن قازقستان جي گادي واري شه?? آستانه ۾ ملاقات ڪئي. يوڪرين ۽ غزه جنگ ۽ شام جي تڪرار جي خاتمي ۽ دهشت??رد?? کي منهن ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. العربيه اردو مطابق ترڪيه جي ??يو??ن صدر ٻڌايو ته ترڪيه جي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي روس جي هم منصب کي آگاهه ڪيو ته سندس ملڪ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي جو رستو هموار ڪري سگهي ٿو . ٻنهي ڌرين ل??ءِ امن ممڪن آهي. ترڪيه جي صدر پنهنجي روس جي هم منصب کي شام تڪرار جي حل ۾ ترڪيه جي سهڪار تي راضي ٿيڻ کان پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي صدرن ترڪيه ۽ روس وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ يوڪرين – روس جنگ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . شام ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ دهشت ??رد?? کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ ڳالهيون ڪيون . ترڪيه جي صدر چيو ته سندس ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ امن ل??ءِ ڪوششون جاري رکندو . روس جي حڪومت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته روس جو صدر علائقائي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات لاءِ قزاخستان جي گادي واري شه?? آستانه پهتو . هن شنگهائي سهڪار تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي 24هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي.
ترڪيه جي صدر جي روس جي هم منصب سان ملاقات، يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ