رياض-19 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن ??يليفون تي رابطو ڪيو آهي. سعودي پريس ايجنسي مُوجب اڳواڻن غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي ڪوششن، سوڊان ۽ يمن سميت خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ياد رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ??چ اوڀر جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ اسرائيل ??هتو آهي جنهن جو مقصد غزه ۾ جنگ بندي معاهدي لاءِ ڌرين تي سفارتي دٻاءَ وڌائڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز