واشنگٽن-31 مئي (اي پي پي) آمريڪي رياست مينيسوٽا جي شهر منياپولس ۾ فائ??نگ سبب پوليس آفيسر ۽ شڪي ماڻهو سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شنهوا موجب منيا پول?? جي ميئر جيڪب فري هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ تصديق ڪئي ته فائ??نگ ۾ پوليس آفيسر جمال مچل فوت ٿي ويو آهي، منيا پولس پوليس ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ چيف چيو ته فائ??نگ گذريل شام جو ان وقت ٿي جڏهن پوليس آفيسر بليسڊيل ايوينيو جي 2200 بلاڪ تي ٻطرفي فائ??نگ جي اطلاع تي موقعي تي پهتي ۽ شڪي ماڻهو سان فائ??نگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال ??نت??ل ڪيو ويو جنهن مان هڪ اهلڪار جمال مچل اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جڏهن ته شڪي شخص موقعي تي مارجي ويو، فائ??نگ جي دوران هڪ شهري فوت ۽ 2 شهري ۽ فائر فائٽر زخمي ٿيا. رياست مينيسوٽا جي گورنر ٽم والز ايڪس تي چيو ته اسان جي رياست ضروري وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
آمريڪا: منياپولس ۾ فائرنگ سبب پوليس آفيسر ۽ شڪي ماڻهو سميت 3 ڄڻا فوت، 3 زخمي
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa