ويٽي ڪن – 01 اپريل (اي پي پي) ڪيٿولڪ چرچ جي سربراهه ۽ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس ??زه ۾ فوري جنگبندي ۽ سمورن يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. جرمن نشرياتي اداري مطابق هن ايسٽر سنڊي جي خطاب دوران جنگين سبب پيدا ٿيل مشڪلاتن تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ??زه جنگ ۾ ٿيل جاني نقصان ۽ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪندي جنگبندي جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪئي. هن چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪري ٿو ته ??زه ۾ انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. يرغمالين جي فوري آزادي ۽ ??زه ۾ فوري جنگبندي جي اپيل ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان ٻارن جي اکين ۾ وڌيڪ ڪيتريون ??ڪليفون ڏسنداسين، انهن جنگي علائقن ۾ ٻار مسڪرائڻ وسري ويا آهن. انهن اکين سان ٻار اسان کان پڇن ٿا، ڇو؟ اهي سڀ شهادتون ڇو؟ اها سڀ تباهي ڇو؟ جنگ هميشا کان هڪ بي معني شي ۽ ان ۾ شڪست هوندي آهي.
پوپ فرانسس جو غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada