بيجنگ-15 مارچ (اي پي پي) چين جي سفارتڪار و??نگ ڪچيان اسرائيل جو دورو ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جمعي ڏينهن چيو ته چيني سفارتڪار و??نگ ڪچيان اسرائيل جو دورو ڪيو آهي ۽ غزه جي جاري تڪرار ۽ چين اسرائيل لاڳاپن تي اسرائيلي پرڏيهي وزارت جي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. وانگ هڪ جامع جنگ بندي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي تي زور ڀريو آهي ته جيئن انساني امداد جي ضمانت ڏئي سگهجي ۽ غزه ۾ شهرين کي موثر طريقي سان تحفظ فراهم ڪري سگهجي. هن اسرائيل ۽ فلسطين جي پرامن ??ڏيل بقاءَ کي محسوس ڪرڻ لاءِ ٻه رياستي حل جي بنياد تي فسلطين مسئلي جي سياسي حل تي پڻ زور ڀريو. چيني پرڏيهي وزارت چيو ته اسرائيلي ڌ?? غزه تڪرار جي معاملي تي پنهنجي موقف ۽ خدشن کان چيني سفير کي آگاهه ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ