جده-16 نومبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي قابض فوج طرفان الشفا ميڊيڪل ڪامپليڪس تي بمب??ري ۽ غزه شهر جي اسپتالن جي مسلسل گهيري، بجلي، ٻارڻ ۽ خوراڪ جي رسد بند ڪرڻ سميت طبي عملي ۽ بي گهر ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي آهي. او آءِ سي جده مان ج??ري ڪيل بيان ۾ چيو ته ا??ڪي??بيٽرز ۾ بيمار ۽ زخمي ۽ وقت کان اڳ پيدا ٿيل ٻار جڏهن ته الشفا ميڊيڪل ڪامپليڪس وڏي انگ ۾ شهيدن جي لاشن سان ڀريل آهي، بيان موجب رهائشي هنڌن، اهم انفرا اسٽرڪچر ۽ ضروري سهولتن تي بمب??ري ج??ري آهي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غزه جي پٽ?? ۾ فلسطيني شهرين خلاف هي اجتماعي سزا ۽ نسل ڪشي بين الاقوامي انساني قانون تحت هڪ جنگي ڏوهه آهي، او آءِ سي گڏيل قومن کان پنهنجي هن مطالبي جي تجديد ڪري ٿو ته هو اسرائيلي اڳرائي کي فوري ۽ مڪمل طور روڪڻ ۽ غزه جي پٽ?? ۾ فلسطيني عوام تائين انساني امداد جي محفوظ ۽ پائيدار رسد لاءِ انساني همدردي جي راهدارين کي کولڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي ذميو??ري ادا ڪري.
او آءِ سي جي غزه ۾ الشفا اسپتال ۾ بمباري ۽ فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي اڳرائي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر