جڪارتا- 02 ن??مب?? (اي پي پي) ??نڊ??نيشيا جي جزيري ڏکڻ صوبي ايسٽ نوساٽينگارا ۾ خميس ڏينهن صبح سويري 6.1 جي شدت جو زلزلو آيو، زلزلي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته صوبائي گادي واري هنڌ ڪوپانگ ۾ ماڻهو ڊپ وچان گهرن کان ٻاهر ??ڪري آيا. فرانس جي خابرو اداري موجب ??نڊ??نيشيا جي جيو فزڪس ايجنسي بي ايم ڪي جي زلزلي جي شدت 6.6 ٻڌائي آهي. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلو ڪوپانگ شهر ??يجهو تيمور جزيري جي اولهه ۾ 36.1 ڪلوميٽري جي گهرائي ۾ آيو، زلزلي سان شهر ۾ ڪجهه عمارتن جا ڇاپڙ ڪريا ۽ ڪجهه ماڻهن پنهنجا گهر خالي ڪري ڇڏيا، زلزلي جا لوڏا صوبائي گادي واري هنڌ ڪوپانگ کانسواءِ صوبي جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ به محسوس ڪيا ويا، مقامي عملدارن موجب زلزلي سان سونامي جو ڪو به انديشو ناهي، زلزلي کانپوءِ گهٽ ??دت جا آفٽر شاڪ به محسوس ڪيا ويا.
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha