مڪو شريف -02 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري و??ري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه حج 2024 (1445هه) لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پروگرام تي عمل جي شروعات 16 سيپٽمبر 2023ع کان ڪئي ويندي. سعودي خابر?? اد??ري مطابق حج ۽ عمري و??ري وزير طرفان ج??ري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج 2024ع لاءِ اڳ ۾ کان عملي طور تي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي ته جيئن ڪمپنين طرفان حج پانڌيئڙن ک?? بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تي??ري جو وقت ملي سگهي. هن چيو ته ايندڙ حج لاءِ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. لائسنس يافته ڪمپنين جي ڊجيٽل رجسٽريشن جي شروعات ڪئي ويندي. هوائي ڪمپنين سان معاهدي لاءِ سول ايوي ايشن سان لاڳاپيل معاملن ک?? حتمي شڪل ڏني ويندي. حج و??زائون ج??ري ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته پهرين مارچ 2024ع (20 شعبان 1445هجري) کان ڊجيٽل ويزائون ج??ري ٿيڻ شروع ٿي وينديون اهو سلسلو 29 ??پر??ل 2024ع تائين ج??ري رهندو جڏهن ته 9 مئي 2024ع (پهرين ذوالقعد 1445) کان حج پانڌيئڙن جون اڏامون ملڪ اچڻ شروع ٿي وينديون.
سعودي حج ۽ عمري واري وزير جو حج (1445هه) 2024ع لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ