اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن کي حڪومت جي معاشي سڌارن جي حوالي سان سنگ ميل قرار ڏيندي ڊيجيٽائيزيشن جي هدفن کي 31 ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ ۽ ٽيڪسيشن کي موثر ۽ تيز بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن حڪومت جي اهم معاشي سڌارن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. وز??راعظم اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل حڪمت عملي تي زور ڏيندي چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، هن ان حوالي سان ناڻي واري وفاقي وز??ر، ناڻي واري مملڪتي وز??ر، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي واري سيڪري??ري جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته معاشي ٽيم جي ڪوششن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، فسڪل اسپيس وڌڻ خوش آئنده آهي. وز??راعظم ملڪ ۾ ٽيڪسيشن کي موثر ۽ تيز بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن اوڳاڙين کي لاڳو ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ٺاهيل حڪمت عملي تي عملدرآمد جي حوالي سان سخت قدمن ۽ ايف بي آر ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان اهم ڪمن کي 31 ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم چيو ته اسمگل ٿيل ٻارڻ جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جي ڪري پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو نومبر 2024ع ۾ 25 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ 1.58 ملين ٽن تائين رهيو جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ هر سال 15 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو توانائي جي مارڪيٽ ۾ بحالي جي نشاندهي ڪري ٿو. وز??راعظم پيٽرول جي اسمگلنگ جي خلاف وڌيڪ سخت ڪارروائي جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته کنڊ جي برآمد جي وقت سر فيصلي جي ڪري پاڪستان کي 500 ملين ڊالر جو پرڏيهي ناڻو مليو. اجلاس ۾ وز??راعظم کي ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي ويليو چين جي ڊيجيٽائيزيشن بابت سمورو ڪم مارچ 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو، شگ?? انڊس??ري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سيمنٽ انڊس??ري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جي حوالي سان ڊيزائن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. وز??راعظم سيمنٽ انڊس??ري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل انوائسنگ جي لاءِ سسٽم ڊيزائن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ننڍي ڪاروبارن جي ڊيجيٽل انوائسنگ جي حوالي سان موبائيل فون ??يپلي ڪيشن هن مهيني جي آخر تائين مڪمل ڪئي ويندي، پرآ?? جو نئون ??ورڊ جوڙيو ويو آهي، پرآ?? جو هارڊ ويئر ۽ ڊيٽا سينٽر اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ جي حوالي سان سينٽرل اسيسمنٽ يونٽ ڪراچي ۾ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو 31 ڊسمبر 2024ع کان ڪم جي شروعات ڪندو. اجلاس ۾ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وز??ر احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وز??ر علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن حڪومت جي معاشي سڌارن جي حوالي سان سنگ ميل قرار
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش