اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اسلام آباد ۾ ٻن ڏي??هن کان جاري پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حوالي سان خبرن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ متفرق درخواستن ۽ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل ايڊووڪيٽ ب??بر اعواڻ جي درخواست تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي. ب??بر اعواڻ عدالت آڏو گذارش ڪئي ته فاٽا پهريان ئي خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿي چڪ?? آهي ۽ ان حوالي سان ڪ??هن ڪارروائي جي ضرورت ناهي. وڊيو لنڪ ذريعي مون موجود ڪي پي جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي گذارش ڪئي ته طاقت جي استعمال تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته آئيني بينچ کي ايئن ڪرڻ جو اختيار آهي. ت??هن هوندي به عدالت ان درخواست ک?? رد ڪندي چيو ته اهو معاملو عدالت آڏو ناهي. جسٽس مسرت هلالي عدالت کي سياسي معاملن ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش تي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي تنبيهه پڻ ڪئي.
سپريم ڪورٽ پاران اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حوالي سان خبرن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي درخواست رد
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن