اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اس??ين جي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي هڪ اعليٰ سطح جي پارلياماني وفد 13 کان 19 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو. اها ڳالهه هن پريس بريفنگ ۾ چئي. ترجمان چيو ته اس??ين جي وفد قومي اس??مبلي جي اس??يڪر سردار اياز صادق، پنجاب ج?? گورنر سردار سليم حيدر خان، پنجاب ج?? وزيراعليٰ مريم نواز شريف، پنجاب اس??مبلي جي اس??يڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ڌرين ويجهي ٻطرفي لاڳاپن جي تو??يق ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ڌرين تعليم، زراعت، قابل تجديد تو??نا??ي، موسمياتي تبديلي، ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ ۽ آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت ٻطرفن لاڳاپن ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارلياماني مصروفيتن جي مثبت ڪردار کي نوٽ ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا ۽ تعاون کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
اسپين جي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي اعليٰ سطح جي پارلياماني وفد پاڪستان جو دورو ڪيو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار