اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران وزي??اع??م محمد شهباز شريف سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين لا??ِ جديد سهولتن سان ليس خدمت مرڪز جي قيام جي واکاڻ ڪئي. وزي??اع??م پوليس خدمت مرڪز جي قيام لا??ِ گهرو وزير محسن نقوي جي قدمن کي ساراهيو. وزي??اع??م چيو ته سفارتي ??رادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. اسلام آباد ۾ عالمي معيار موجب ۽ حاضر دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکند?? ڪيس ڪيڊ خدمت مرڪز جو قيام واکاڻ جوڳو آهي. خدمت مرڪز ۾ سفارتي ??رادري ۽ پرڏيهي شهرين کي ڊرائيونگ لا??سنس جاري ۽ تجديد ڪرڻ، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس ويريفڪيشن، گمشدگي رپورٽ، مسواڙين جي رجسٽريشن، فارنرز رجسٽريشن، گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن، والنٽيئرز رجسٽريشن، گاڏين جي ويريفڪيشن ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. ان موقعي تي نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به ساڻس گڏ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا