اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پاڪستاني خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پنهنجن والدين ۽ پيارن سان ملڻ وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. سريلنڪا مان آيل پاڪستانين گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيا جن سبب اسان جي وطن واپسي ٿي آهي. سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 56 پاڪستاني ڪالهه خيريت سان وطن و??پس پهچي ويا. سالن کانپوءِ وطن و??پس آيل قيدين جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها ه??ا ۽ پاڪستان پهچڻ تي محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان کي دُعائون ڏنيون. وطن پهچڻ تي بزرگ عورت وفاقي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پٽڙؤ! اوهان جا ٿورا اسان پاڪستان و??پس آياسين. وطن آيل هڪ پاڪستاني جو چوڻ هو ته محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي ڪوششن عيوض اڄ وطن پهتا آهيون. وطن واپسيءَ تي پاڪستانين جو چوڻ هو ته جن حالتن ۾ قيد هئاسين، شڪر آهي اسان وطن و??پس پهتاسين. گهرو وزير محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي گڏيل ڪوششن عيوض 5 عورتن ۽ 51 مرد قيدين کي سريلنڪا مان چارٽرڊ جهاز ذريعي وطن و??پس آندو ويو. ان سلسلي ۾ گهرو وزير پاڪستاني قيدين کي وطن واپسي يقيني بنائڻ لاء?? دلچسپي ورتي ۽ سريلنڪن هاءِ ??مشنر آڏو ان معاملي کي اُٿاريو. عبدالعليم خان سريلنڪا مان پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ تي سمورا خرچ برداشت ڪيا. گهرو وزير چيو ته قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن حڪومت ۽ هاءِ ??مشنر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته قيدين جي واپسيءَ تي خرچ برداشت ڪرڻ تي عبدالعليم خان جو به شڪريو ادا ڪيو.
سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پاڪستاني خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria