اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀ??رت جي غيرقانوني طور تي قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رت جي نگراني ۾ ٿيندڙ کل جوڳي چونڊن جي پهرين مرحلي جي عالمي ??انون جي نظر ۾ ڪا قانوني اهميت نه آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل لاڳاپيل قراردادن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي ??ي??لو عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ڏيڻ جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڀ??رت جي غيرقانوني طور تي قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 14 سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪيترائي سياسي اڳواڻ نظربند آهن، ان لاءِ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ اهڙي چونڊ مشق صحيح نه آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام