اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي افيس پاران جاري تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ا??ان گهري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام ??ان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ا??ان جون دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام ??ان گڏ آهن ۽ سوڳ جي هن گهڙيءَ ۾ ا??ان پنهنجي ايراني ڀائرن ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. بيان موجب صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان قابل احترام اڳواڻ هئا، انهن جي پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي سگهه ??يڻ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، انهن ا??ان جي ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جاري بيان ۾ چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ايران ??ان دوستي ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس