اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پلاسٽڪ جو اجايو استعمال انساني صحت جي لاءِ وڏو خطرو بڻجندو پيو وڃي، پاڪستان قدرتي وسيلن جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي جي عملن کي گهٽ ڪرڻ ??ان گڏوگڏ پائيدار صاف ۽ سرسبز مستقبل جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ قدم جاري رکندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هُن ڌرتيءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ت?? اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ڌرتيءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد ا??ان سڀني کي زمين جي حفاظت جي ذميواري جي ياد ڏيارڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هن سياري جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ آهي. هن چيو ت?? 2024ع جو ڌرتيءَ جو ڏهاڙو Planet vs Plastics جي عنوان ??ان ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد 2040ع تائين پلاسٽڪ جي استعمال ۾ 60 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻڻ آهي، اچو اڄ جي ڏينهن ا??ان پلاسٽڪ جي ذميواراڻي استعمال جو عزم ڪريون، پلاسٽڪ جو اجايو استعمال نه رڳو ا??ان جي ندين، دريائن ۽ سمنڊن کي گدلو ڪري رهيو آهي پر اهو ا??ان جي خواڪ ۾ شامل ٿي سڌوسنئون انساني صحت جي لاءِ وڏو خطرو بڻجندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ت?? جيتوڻيڪ پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، تنهن هوندي به موسمياتي تبديلي جي ا??ان جي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي تي مضر اثرن ۽ عام ماڻهو جي معاشي سلامتي جي لاءِ خطري جي حوالي ??ان آگاهي جي کوٽ آهي، هر گذرندڙ سال موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بدلجندڙ موسم، وڌندڙ گرمي پد، بي وقت برسات جي موسم، تيزي ??ان پگهڙجندڙ گليشيئرز ۽ انهن سڀني جي نتيجي ۾ قدرتي آفتن ??ان گڏوگڏ سطح سمنڊ جي بلندي، سامونڊي گرمي پد ۾ اضافو ۽ قدرتي ماحولياتي نظام جو خاتمو موسمياتي تبديلي جون واضح نشانيون آهن، انهن سڀني عنصرن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي شديد خطرن خاص طور تي اقتصادي خطرا لاڳو آهن، انهي کي نظر ۾ رکندي ا??ان انهن خطرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فيصلائتا ۽ پائيدار قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ت?? پاڪستان جي حڪومت پلاسٽڪ جي ذميواراڻي استعمال جي حوالي ??ان موثر قدم کڻي رهي آهي، حڪومت لاڳاپيل وزارتن، صوبائي ماحولياتي ادارن، اسلام آباد انتظاميا، صنعتن ۽ ٻين ڌرين ??ان مشاورت ۽ تعاون ??ان سنگل يوز پلاسٽڪ جي خاتمي بابت ريگيوليشنز 2023ع ٺاهيا ۽ سمورين وفاقي وزارتن ۾ پولي ايٿائيلين ٽريفٿيليٽ (PET) بوتلن جي استعمال تي مڪمل پابندي هنئي، ڄاڻايل قدم حڪومت جي سنگل يوز پلاسٽڪ جي استعمال جي حوصلا شڪني ڪرڻ، پلاسٽڪ جي ڪچ??ي کي گهٽ ڪرڻ ۽ پلاسٽڪ جي ٻيهر استعمال جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ت?? پلاسٽڪ کان پاڪ معاشري ۽ پاڪستان ۾ پلاسٽڪ ??ان پيدا ٿيندڙ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ ان جي استعمال جي مجموعي سطح تي حوصلا شڪني ضروري آهي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن جو سنگل يوز پلاسٽڪ جي استعمال کي روڪڻ ۾ ڪردار انتهائي اهم آهي، سمورين ڌرين کي اپيل ڪندس ته اهي ا??ان جي ملڪ ۽ زمين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ت?? منهنجي پنهنجي سمورن پاڪستانين کي به اپيل آهي ته اهي ان اهم مشن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين، اچو ا??ان سڀ گڏجي سنگل يوز پلاسٽڪ جي استعمال کي رد ڪرڻ، ماحول دوست متبادل جي استعمال، ري سائيڪلنگ ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ ٺوس پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. وزيراعظم چيو ت?? پاڪستاني هجڻ جي ناطي ا??ان خوش نصيب آهيون جو ا??ان وٽ خوبصورت جابلو سلسلا، گهاٽا ٻيلا، نديون ۽ ڊگهي سامونڊي پٽيءَ آهي، انهن خوبصورت قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ذميواري ا??ان تي لاڳو ٿئي ٿي، پاڪستان انهن قدرتين وسيلن جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي جي عملن کي گهٽ ڪرڻ ??ان گڏوگڏ هڪ پائيدار، صاف ۽ سرسبز مستقبل جي تعمير جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ قدم جاري رکندو.
موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پلاسٽڪ جو اجايو استعمال انساني صحت جي لاءِ وڏو خطرو بڻجندو پيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná