اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊ??ٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪ??غذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ميمبرن کان حلف وٺڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته سڀ ک??ن پهرين قومي اسيمبلي جي رول آف ميبمرز تي اهي اميدوار صحيح ڪندا جن کي اسپيڪر ۽ ڊ??ٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪ??غذ جمع ڪرائڻا آهن، مسلم ليگ (ن) جي سردار اياز صادق اسپيڪر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڊپٽي اسپيڪر، سني اتحاد ڪائونسل جو ملڪ عامر ڊوگر اسپيڪر ۽ جنيد اڪبر ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ پنهنجا نامزدگي ڪ??غذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ ايوان ۾ ئي جمع ڪرايا. نامزدگي ڪ??غذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿيڻ ۽ جاچ پڙتال کانپوءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪندي. نئين اسپيڪر ۽ ڊ??ٽي اسپيڪر جي چونڊ اڄ جمعي تي ٿيندي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ اسيمبلي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا، چونڊ اڄ ٿيندي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز