بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ??ي گنڌارا ثق??فتي نوادرات تي ٻڌل 3 مهينن جي ڊگهي گڏيل نمائش چين جي شهر شينزن جي ميوزيم آف هسٽري اينڊ فوڪ ڪلچر ۾ جاري آهي، ان جو مقصد گنڌارا ثق??فت جي دلڪشي ۽ چين ۽ اوڀر ايشيا تي ان ??ي گهرن اثرن کي پيش ڪرڻ آهي. چيني ويب سائيٽ چائنا اڪنامڪ نيٽ (سي اي اين) موجب شينزن ميوزم، پاڪستان جي آثار قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي ۽ چين جي پيل?? ميوزم جي انتظام هيٺ گنڌارا هيريٽيج الانگ دا سلڪ روڊ جي عنوان سان نمائش 24 مارچ 2024ع تائين جاري رهندي. نمائش ۾ مجموعي طور تي 203 ثق??فتي نوادرات پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڪستان جي ست عجائب گهرن جا 173 ۽ پيل?? ميوزم جا 30 نمونا شامل آهن. پاڪستان کان آيل نمونا بنيادي طور تي آثار قديمه جي کوٽائي مان حاصل ٿيا آهن جن ۾ ٻڌ مت جا مجسما، گنڌارا ج?? پٿر جي ڪم جا تعميراتي جزا ۽ سون ۽ چاندي جون مختلف شيون شامل آهن، جيڪي گنڌارا آرٽ جي انداز کي ظاهر ڪن ٿيون. پيل?? ميوزم کان ٻڌ مت جا مجسما بنيادي طور تي قديم گنڌارا ج?? علائقي س??ن تعلق رکن ٿا ۽ قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي تبت جي محلن ۾ داخل ٿيا، هي چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ثق??فتي ۽ فني مٽاسٽا ج?? ڊگهي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.
پاڪستان ۽ چين جي گنڌارا ثقافتي نوادرات تي 3 مهينا ڊگهي گڏيل نمائش شينزن ۾ جاري، 203 نوادرات پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات