اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته فلسطي?? جي معاملي تي پاڪستا?? جي رياست، حڪومت ۽ قوم هڪ آهن، اسان فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فلسطي?? جي عوام کي انه?? جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلسطي?? جي معاملي تي اسان سڀ متحد آهيون، سينيٽ فلسطي?? جي حق ۾ مضبوط آواز بلند ڪيو آهي، ان مسئلي تي پاڪستا?? جي حڪومت، رياست ۽ قوم هڪ آهن، هن رٿ تي نگران پرڏيهي وزير يا لاڳاپيل وزير بحث سهيڙيندا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تائين پاڪستا?? جي سمورن سربراهن فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پاڪستاني قوم ??و پختو ايمان آهي ته فلسطيني?? جي آزادي جي جدوجهد کي ڪير به دٻائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته پاڪستا?? جي سمورين سياسي پارٽين کي اسرائيلي جارحيت جي خلاف هڪ بينر ۽ هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ٿي پرامن احتجاج ڪرڻ گ??رجي ۽ اهو پيغام ڏيڻ گ??رجي ته پاڪستاني قوم ان مسئلي تي متحد آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطي?? جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪئي ۽ ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي تقرير صيهوني نسل پرس??ن جي لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو سبب بڻي. هن چيو ته پاڪستا?? جي رياست سدائين کان فلسطي?? جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي ۽ اڄ به پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي بيٺل آهي. پاڪستا?? جي ان موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، پاڪستان اڄ به دنيا جي انهن ڪجهه رياستن ۾ شامل آهي جن جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا نه آهن. هن چيو ته اسان جن ملڪن سان جنگ وڙهي انهن سان به اسان جا سفارتي لاڳاپا آهن پر فلسطي?? جي مسئلي جي ڪري اسان جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم نه آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جو فلسطي?? جي حوالي سان موقف تبديل ناهي ٿيو. هن چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ وارين سرحدن ۽ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو حل چاهي ٿو، پاڪستا?? جي رياست، حڪومت ۽ عوام ان معاملي تي فلسطي?? جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گ??رجي. هن چيو ته اها ڳالهه يقيني آهي ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيندو ته امن نه ٿيندو، جيڪڏهن فلسطي?? جي عوام کي انه?? جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي.
فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino