اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوست?? جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، چين پاڪستان جو مخلص دوست آهي جنهن مشڪل جي هر گهڙيء?? ۾ ??اڪستان جو ساٿ ڏنو، 74 سالن ۾ چين سائنس، ٽيڪنالاجي، معيشت، ثقافت، اقتصادي ۽ سماجي ترقي، استحڪام، قومي اتحاد ۽ سرحدي دفاعي استحڪام تمام گهڻي ترقي ڪئي، چين اڄ پنهنجي محنت جي ڪري دنيا جي وڏين معيشتن ۾ شامل آهي. اها ڳالهه هن چين جي 74 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي چيني سفارتخاني پاران منعقد تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته چ??ن پنهنجي آزادي جون 74 بهارون ڏسي چڪو آهي، چين اونداهين مان روشني طرف، غربت مان ترقي طرف هڪ نئون رستو کوليو، 74 سالن ۾ چين سائنس، ٽيڪنالاجي، معيشت، ثقافت، اقتصدي ۽ سماجي ترقي، استحڪام ۽ قومي اتحاد ۽ سرحدي دفاعي استحڪام ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي، چين اڄ پنهنجي محنت جي ڪري دنيا جي وڏين معيشتن ۾ شامل آهي. چين جنهن انداز ۾ دنيا آڏو ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو متعارف ڪرايو، ان سان ان جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته چ??ن جي ترقي ۽ خوشحال?? جي منصوبي سان اهو ثابت ٿيو ته چ??ن ”گڏيل خوشحالي“ ۽ ”گڏيل ترقي“ جي پاليسي تي عمل پ??را آهي. هن چيو ته ترق?? جي جنهن مقام تي چين اڄ پهچي چڪو آهي، ان سان پاڪستان ئي نه خطي جا ٻيا ملڪ به فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي چين جي عوام، حڪومت، چيني سفارتخان?? جي سمورن عملي کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو اهو سفر اهڙي طرح جاري رهندو. تقريب ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ۽ معزز مهمانن چين جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان گڏجي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.
پاڪستان ۽ چين دوستي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، چين پاڪستان جو مخلص دوست آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا