اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي)پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي و??ير مدد علي سنڌي اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪميٽي و??ارت ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر عملدارن تي ٻَڌل هوندي. تعليم واري و??ارت مان جاري بيان مطابق وفاقي و??ير چيو ته علمي، انتظامي ۽ قانوني مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي و???? آهي. ڪميٽي ان ڳالهه جو تعين ڪندي ته موجوده مسئلن جو ذميدار ڪير آهي، ڪميٽي فوري پنهنجا نتيجا پيش ڪندي جنهن تي سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته منهنجي سرونگ ۽ رٽائرڊ استادن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اردو يونيورسٽي جا سمورا مسئلا مون آڏو رکيا ويا.هن چيو ته ايڊهاڪ بيسز تي يونيورسٽي نٿي هلي سگهي، مستقل عملي جي ضرورت آه??. ه?? چيو ته قانون جي بالادستيءَ سان ئي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي سمورن مسئلن کي اهڙي نموني حل ڪرڻو آهي ته جيئن صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.
وفاقي تعليم مدد علي سنڌي پاران اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس، فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha