نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪ??ڪڙ نيويارڪ پهچي ويو. جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم، گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ قونصلر جنرل عامر احمد اتوزئي ۽ ٻين عملدارن سندس استقبال ڪيو. نگران وزير??عظ?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. اجلاس ۾ اٽڪل 150 عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. نگران وزير??عظ?? 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندڙ پهريون پاڪستاني نگران وزير??عظ?? هوندو. 19 کان 26 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي اڱڻ ۽ ان جي ڀرپاسي وڏي پئماني تي حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. اميد آهي ته پنهنجي خطاب ۾ نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪ??ڪڙ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عوامي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هو پنهنجي نگران انتظاميا پاران ملڪ جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن بابت پڻ تفصيل سان روشني وجهندو. ان کانسواءِ نگران وزير??عظ?? مختلف ملڪن جي هم منصبن، عالمي تنظيمن جي سربراهن، فلاحي تنظيمن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اڳ ۾ ئي نيويارڪ پهچي چڪو آهي. نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪ??ڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ پهريون نگران وزير??عظ?? هوندو. گذريل هفتي نيويارڪ ۾ هڪ نيوز بريفنگ ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم چيو ته نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪ??ڪڙ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سفير منير اڪرم چيو ته نگران وزير??عظ?? ايس ڊي جيز جي لاءِ فنانسنگ کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته نگران وزير??عظ?? ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت هڪ ٻئي سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب پڻ ڪندو جتي هو ترقي جي لاءِ نجي شعبي جي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ڪندو. ڀارتي وزير??عظ?? نريندر مودي هن سال جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس پاران ڀارت جو پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر 26 سيپٽمبر تي اسيمبلي کي خطاب ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ پهچي ويو، 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج