اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا دهشتگردي جي هر قسم جي مڪمل خاتمي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پُختي عزم جو اظهار ڪندي ملڪ جي سمورين سياسي قوتن تي زور ڏنو آهي ته دهشتگردن جي خلاف قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ آواز ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي، سياسي ورڇ ۽ رنج??ن کي هڪ طرف رکندي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ سموريون سياسي قوتون هڪ ٿين ۽ متفقه طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي ايجنڊا تي گڏ ٿين. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي ٿيندڙ اجلاس ۾ پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي خلاف متفقه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا پاڪستان جي عوام ۽ ان جي چونڊيل حڪومت جي نمائندگي ڪندي 30 جنوري 2023ع تي پوليس لائينز پشاور جي مسجد ۾ دهشتگردي جي ڏکوئيندڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سمورن متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي ڪري ٿي. پوري قوم شهيدن جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي، پونئيرن کي صبر ۽ زخمين کي صحت ڏي. وفاقي ڪابينا واضح ڪري ٿي ته الله تعاليٰ جي گهر ۾ سجدو ڪندڙ مسلمانن کي نشانو بڻائيندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن ۽ نه ئي ان??ان سڏرائڻ جا حقدار آهن، قرآن ۽ سنت ۽ پاڪستان جي اهم عالم سڳورن جي متفقه راءِ جي روشني ۾ اهڙا واقعا حرام ۽ اسلام جي حڪمن جي واضح خلاف آهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا پنهنجي پڪي عزم ۽ ارادي جو اظهار ڪري ٿي ته دهشتگردي جي هر قسم جو مڪمل خاتمو ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. پاڪستانين جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺنداسين. خيبرپختونخواهه جي پوليس ?? ”ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ“ جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي ويندي، معياري تربيت، جديد هٿيارن سميت ضروري ساز۽ سامان جي فراهمي جي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويندا ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن سانحن کان بچي سگهجي. ڪابينا ملڪ جي سمورين سياسي قوتن تي زور ڏنو ته دهشتگردن جي خلاف قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ آواز ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي. سياسي ورڇ ۽ رنج??ن کي هڪ طرف رکندي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ سموريون سياسي قوتون هڪ ٿين ۽ متفقه طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي ايجنڊا تي گڏ ٿين ته جيئن قومي دفاع، سلامتي ۽ امن ۽ معيشت جي گهرجن جو موثر ان??از ۾ تحفظ يقيني ٿي سگهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار تي چيني صدر ۽ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
وفاقي ڪابينا پاران دهشتگردي جي هر قسم جي مڪمل خاتمي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پُختي عزم جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت