اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسلامي ت??اون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري ج??رل حسين ابراهيم طحيٰ اڄ ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪ??نف??نس ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب اسلامي ت??اون تنظيم جو سيڪريٽري ج??رل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري ج??رل جي دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو آهي. او آءِ سي جو سيڪريٽري ج??رل دوري دوران وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير، ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري ج??رل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري ج??رل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايجنڊ اتي موجو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ??ين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ ڇنڇر تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados