ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف قلعه سيف الله ۽ چمن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزي??اع??م هڪ ڀيرو ٻيهر فوت ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي وقت سر ادائيگي جي هدايت ??ئي. وزي??اع??م اها به هدايت ??ئي ته قلعه سيف الله ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي حوالي سان جيڪي ڪوتاهيون ٿيون ۽ جيڪي شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيون اهي ورجايون نه وڃن. هن وڌيڪ هدايت ??ئي ته متاثرين کي دوائون ۽ کاڌي پيتي جون شيون ترجيحي بنيادن تي پهچايون وڃن. هن امدادي سامان جي فراهمي جي سمورن رڪارڊز کي محفوظ رکڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بلوچستان جي وڏي ??زير مير عبدالقدوس بزنجو دوري ۽ متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ تي وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا. هن خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومت وزي??اع??م آفيس کي هر ممڪن طور تي امداد ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه رکندي ۽ وزي??اع??م جي هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قلعه سيف الله ۽ چمن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ هڪ اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری