ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ بلوچستان جي حڪومت قومي جذبي سا?? متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهي، جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي ??ک سان نه ويهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو آهي، قيمتي جانين جي نقصان سا?? گڏوگڏ انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ اين ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ اين ڊي ??يم اي، پي ڊي ??يم اي سميت ٻيا ادارا ۽ وفاقي حڪومت گڏجي قدم کڻي رهيا آهن، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سا?? بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم اين ڊي ??يم اي کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي، انهن جي خاندانن جي بحالي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، امداد متاثرين جي گهرن تائين پهچائي وڃي، پي ڊي ??يم اي ۽ اين ڊي ??يم اي کي ان ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، زخمين کي به فوري طور تي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. شهباز شريف چيو ته جن متاثرين جي گهر مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿيا آهن، انهن جو معاوضو وڌائي 5 ل?? رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيستائين آخري متاثر گهر آباد نه ٿو ٿئي ??ک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته سرنديءَ وارن ماڻهن کي اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته ان حوالي سا?? 3 تاريخ تي اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سمورن معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
وزيراعظم پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II