اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائمنڊ جوبل?? جي خوشين ۽ مبارڪباد جي موقعي تي ”عظم عاليشان شاد رهي پاڪستان“ جي عنوان سان خصوصي لوگو جاري ڪيو ويو آهي. اهو پاڪستان سان محبت ۽ ان عزم جي تجديد آهي ته اسان جا بهادر ۽ عظيم بزرگ ۽ شهيد جنهن عزم سان پاڪستان ٺاهيو هو انهي عزم سان معاشي طور تي ان کي مضبوط ۽ پاڻ تي دا??ومدار ڪ??ڻ، فلاحي مملڪت ۽ دفاعي لحاظ کان فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائينداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ?? اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ان جو مقصد آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو حقيقي مقصد حاصل ٿئي ۽ عوام جي زندگين ۾ اهي آسانيون اچن جنهن جو خواب ننڍي کن?? جي مسلمانن ڏٺو هو. معاشي پاڻ تي دا??ومدار ڪرڻ جي ويزن سان پاڪستان جا نوجوان حقيقي معنيٰ ۾ قوم جا معمار بڻجندا. قومي ترقي جا ثمر حاصل ٿيندا. هن چيو ته تعليم، روزگار، ڪاروبار ۽ زندگ?? جي سڀني شعبن ۾ هر اول دستو بڻجندا، اسان پنهنجي نوجوانن کي فيصلاساز بڻائينداسين. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ وانگر هڪ اسلامي فلاحي ترقي يافته ۽ معاشي طور تي خودمختيار پاڪستان جو خواب سچ ٿي رهندو.
عظم عاليشان شاد رهي پاڪستان جي عنوان سان خصوصي لوگو جاري ڪيو ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم