اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني پنهنجي تڪ جي ترقيا??ي ڪمن جي لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ فنڊز رکڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سموريون اتحادي پارٽيون گڏجي ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ