رشڪئي – 15 211; جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??صو??ي اقتصادي زونز جو خاص طور ننڍن صوبن ۾ قيام خوش آئنده آهي، ??صو??ي اقتصادي زونز کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، انهن کي سيڙپڪاري جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهيو ويندو، ايندڙ دور پاڪستان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ۾ ??صو??ي اقتصادي زونز جي دوري دوران اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احس?? اقبال، اسعد محمود کانسواءِ چيني ڪمپنين جا نمائندا به موجود هئا، وزيراعظم چيو ته اهو ان جو وزيراعظم طور ڪنهن به ??صو??ي اقتصادي زون جو پهريون دورو آهي، هن بلوچستان ۽ خيبرپختونوا سميت آبادي جي لحاظ کان ننڍن صوبن ۾ ??صو??ي اقتصادي زونز جي قيام کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان زونز جي قيام سان صنعتي سيڙپڪاري، روزگار جي فراهمي، پيداوار جي ترقي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، وزيراعظم چيو ته انهن صوبن جي ڪري ايندڙ وقت اسان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو. هن چيو ته بيجنگ جوائنٽ ڪميشن ??ي اجلاس ۾ 9 ??صو??ي اقتصادي زونز جي منظوري ڏني وئي، پر بعد ۾ حالتون بدلجي ويون، هن چيو ته چين ۾ ليبر مهانگو ۽ پاڪستان ۾ سستي آهي، هتي هنرمند ۽ نيم هنرمند افرادي قوت دستياب آهي، پاڪستان چيني ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪندو آهي، چيني ڪمپنين مختلف منصوبن تي بهتر??ن ڪم ڪيو آهي، اسان جو عزم آهي ته سي پيڪ تحت ??صو??ي اقتصادي زونز جي تعمير مقرر وقت تي ڪئي وڃي، هن چين جي دوستي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين ماضي ۾ هڪٻئي جو ساٿ نڀايو آهي، وزيراعظم چيو ته ان کي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، ??صو??ي اقتصادي زونز کي سيڙپڪاري جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ ۽ مسئلا آهن ته انهن کي گڏجي ختم ڪيو ويندو. هن پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جون ڪمپنيون هڪٻئي مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون.
خصوصي اقتصادي زونز جو خاص طور ننڍن صوبن ۾ قيام خوش آئنده آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria