اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران او آءِ ??ي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو ??هي. اها ڳالهه هن او آءِ ??ي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ سان پرڏي??ي وزارت ۾ ملاقات دوران چئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏي??ي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏي??ي وزير چيو ته او آءِ ??ي پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد پاڪستان لاءِ هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان پنهنجي آزادي جو 75 هون سال ملهائي رهيا آهيون، پرڏي??ي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تنظيمن جي سرگرمي جي باري ۾ سينئر عهديدارن جي اجلاس ۾ پيش ڪيل خصوصي رپورٽ کي ساراهيو ۽ چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، وحشياڻي فوجي قبضي تحت انساني حقن جي صورتحال کي خراب ڪرڻ کانسواءِ ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي تي لٿل آهي، شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا تي تازي قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪستان جي قدمن کي او آءِ ??ي ۽ ان جي ميمبر ملڪن پاران مڪمل حمايت حاصل رهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا تي خصوصي ايلچي مقرر ڪرڻ سان اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران، او آءِ ??ي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو ??هي، اميد آهي ته افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ جي آپريشنل آغاز سان افغان عوام کي درپيش انساني چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. شاهه محمود قريشي 19 ڊسمبر 2021ع تي او آءِ ??ي پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب اسان کي مناسب بجيٽ ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جي ذر??عي ڪابل ۾ او آءِ ??ي جي موجودگي ۽ خصوصي ايلچي جي آفيس کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي چيئرمين شپ دوران اسان او اءِ ??ي کي وڌيڪ متحرڪ بڻائڻ لاءِ ??يڪريٽريٽ سان گڏ فعال طور تي رابطا هموار رکنداسين، اسان او آءِ ??ي چيئر جي طور تي پنهنجي مينڊيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ??يڪريٽريٽ جي مسلسل حمايت جا خواهشمند آهيون.
افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران او آءِ سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری