اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ بيوا??ه کي لائيف انشورنس ڪليم جي ا??ائ??گي ۾ 7 سال جي غيرضروري دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کي 4 لک 12 هزار رپين جي بيمي جي رقم بيوا??ه ک?? ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر بيوا??ه کي دير سبب مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ ا??ائ??گي جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت ۾ اضافي کي شامل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني بيوا??ه کان معافي وٺي، مالياتي نظام جو رويو تبديل ڪري ۽ 30 ڏينهن ۾ وف??قي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. صدر اهي حڪم وف??قي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي نمائندگي کي رد ڪندي جاري ڪيا آهن. تفصيل موجب مرحوم زاهد الطاف ڀٽي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کان 6 جولاءِ 2007ع ۽ 25 جون 2010ع تي ترتيبوار 212000 رپيا ۽ 200000 رپين جي بيمي جون ٻه لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون هيون. 20 مارچ 2015ع تي الطاف ڀٽي جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ سندس گهرواريءَ فوزيه زاهد ڀٽي (شڪايت ڪندڙ) انشورنس ڪليم جي ا??ائ??گي لاءِ انشورنس ڪمپني سان رابطو ڪيو پر ڪمپني ان بنياد تي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فوتي بيمي کان اڳ مريض هو ۽ کيس جگر جي بيماريءَ / هيپاٽائيٽس سي جي مرض ۾ مبتلا هو جنهن تي مرحوم جي بيواهه فوزيه زاهد ڀٽي وف??قي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، وف??قي محتسب اسٽيٽ لائيف کي رقم ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي اطلاع ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وف??قي محتسب جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ بدران اسٽيٽ لائيف صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخاوست داخل ڪئي. صدر اسٽيٽ لائيف جي نمائندگي کي رد ڪندي انشورنس آرڊيننس مجريه 2000ع جي سيڪشن 80 جو حوالو ڏيندي چيو ته پاليسي حاصل ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ غلط بياني يا حقيقتون لڪائڻ تي انشورنس پاليسي تي سوال نه ٿو اٿاري سگهجي، ايجنسي پنهنجي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ، انشورنس کان اڳ بيماري جي موجودگي بابت ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اسٽيٽ لائيف جي پنهنجي فيلڊ آفيسر جي ڳجهي رپورٽ ۾ بيمي شده کي صحتمند قرار ڏنو ويو هو ۽ رڳو منافعو ڪمائڻ جي لاءِ اخلاقي اصولن ۽ همدردي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف فضول بهانن سان ڪم ورتو، غيراخلاقي طريقي سان ا??ائ??گي ۾ دير ڪئي. صدر بيوا??ه کي دير جي ڪري مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ ايجنسي کي انشورنس جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت به شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صدر پاران اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي 4 لک 12 هزار رپين جي بيمي جي رقم بيواهه کي ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر