لاهور – 11 فيبروري (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر چيو آهي ته عدم اعتماد جي رٿ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، اسان کي ان مان ڪو به خطرو نه آهي، اتحادي گڏ آهن، پهرين مع??شت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، اليڪشن ۾ اڃان وقت آهي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو خيال رکڻو پوندو. لاهور جي نجي اداري ۾ استادن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اس??يڪر اسد قيصر چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته ??رو?? آڻي. گذريل ڏينهن پرويز ??لاهي سان ملاقات ٿي آهي، گهرن ۾ به گلا شڪوه ٿيندا رهندا آهن، ن ليگ پاڻ سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن جا نالا سامهون آڻي. هن چيو ته هن وقت محاذ آرائي جو ماحول نه بڻجڻ گهرجي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو خيال رکڻو پوندو. ان کان اڳ قومي اس??مبلي جي اس??يڪر يونيورسٽي آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي (يو ايم ٽي) جو دورو ڪيو ۽ صدر يو ايم ٽي ابراهيم حسن مراد سان ملاقات ڪئي. ابراهيم مراد يو ايم ٽي جو تعارف ڪرائيندي اس??يڪر کان پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي سڌارن جي باري ۾ به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اس??يڪر اسد قيصر يو ايم ٽي تعليمي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ابراهيم مراد کان يو ايم ٽي سان تعليمي منصوبن تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي، ريڪٽر يو ايم ٽي ڊاڪٽر آصف رضا يو ايم ٽي ۾ اس??يڪر اسد قيصر ۽ ٻين پارلياماني ميمبرن کي ڀليڪار چئي ۽ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته يو ايم ٽي ۾ اچڻ هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي.
عدم اعتماد جي رٿ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، اسان کي ان مان ڪو به خطرو نه آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز