اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته ??اڪستان ۾ قومي سلامتي تي تمام گهڻو بحث ٿيو، قومي سلامتي پاليسي جاري ڪرڻ ضروري هو، پاڪستان جي هر شهري جو تحفظ قومي پاليسي جو حصو آهي.
وزيراعظم آفيس ۾ نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي پبلڪ ورزن جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته اسان پوري دنيا جون پاليسيون ڏٺيون آهن، پاڪستان ۾ قومي سلامتي تي تمام گهڻو بهث ٿيو، ضرورت هئي ته ??اڪستاني قومي سلامتي پاليسي جاري ڪئي وڃي، پاڪستان جي هر شهري جو تحفظ قومي پاليسي جو حصو آهي، تعليم جو قومي سلامتي سان سڌو سنئون تعلق آهي، هن چيو ته ??ومي سلامتي پاليسي اسان جي سلامتي تي اثر ??ند??ز ٿيندڙ روايتي ۽ غير روايتي مسئلن جي وسيع ڏس ۾ جوڙي وئي آهي.
قومي سلامتي پاليسي ۾ جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل رخن جو محور معاشي سلامتي آهي جن??ن ۾ پاڪستان جي سلامتي جو استحڪام ۽ دنيا ۾ مقام حاصل ڪرڻ نمايان خصوصيتون آهن. هن چيو ته ان دستاويز کي مڪمل سول ملٽري اتفاق راءِ کانپوءِ حتمي شڪل ڏن?? وئي آهي.