صوابي – 14 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو محروم علائقن کي نمائندگي ملي آهي، مخالف ڌر کلي دل سان سينيٽ چونڊن جي نتيجن کي تسلي?? ڪري. باجا ۾ اسڪول ۽ گئس منصوبي جي افتتاحي تقريب جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مخالف ڌر حڪومت سان عوامي ڀلائي جي قانونسازي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو 2013ع کان هو. اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سينيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪريون. مخالف ڌر جيڪڏهن اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو مڃي وٺي ها ته اڄ ڪنهن کي نتيجن تي خدشا نه هجن ها. صادق سنجراڻي ۽ ??رز?? آفريدي بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا ج?? محرومين جو ازالو ڪندا. پارليامينٽرينز سان جيڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ان جي لاءِ سينيئر پارليامينٽرينز جي ڪائونسل قائم ??ئي آهي. سينيئر پارليامينٽرينز ڪائونسل قائ?? ڪرڻ جو مقصد پارليامينٽ جي وقار کي برقرار رکڻ آهي. تعليمي سڌارا اسان جي اه?? ايجنڊا آهي جنهن تي 2013ع کان ڪم جاري آهي.
سينيٽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو محروم علائقن کي نمائندگي ملي آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena