اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراع??م شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ع??رت?? کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي ته جيئن اهي پنهنجي بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي زندگي جي سم??رن شعبن ۾ اڳتي وڌي سگهن. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي اهتمام هيٺ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ جي تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪرين جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستاني ع??رت?? کي هڪ جهڙا موقعا ڏنا وڃن ته اهي پنهنجي صلاحيتن جو بهترين انداز ۾ مظاهرو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر