اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ??اد?? چيو آهي ته سموريون پارلياماني پارٽيون قو??ي ۽ سلامتي جي معاملي تي هڪ آواز آهن، اسان چاهيون ٿا ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي جنهن سان ملڪ جو وقار مجروح نه ٿئي ۽ ڳالهين جو عمل به جاري رهي، ان جي لاءِ قو??ي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ دفاعي ادارن کي گهرائي متفقه بيانو جوڙيو ويندو. پارليامينٽ جي قو??ي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ??اد?? جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، دفاع واري وزير خرم دستگير خان، موسمياتي تب??يلين واري وفاقي وزير سينيٽر مشاهد الله خان، هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير اڪرم خان دراني، وزيراعظم جو خصوصي مددگار بئريسٽر ظفر الله، قو??ي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، قو??ي سلامتي واري صلاحڪار جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سموريون پارلياماني پارٽيون قومي سلامتي جي معاملي تي هڪ آواز آهن: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر