فيصل آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د نواز شريف نجي شعبي ۾ 40 ميگاواٽ جي ڪوئلي سان هلندڙ بجلي جي منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جوگورنر مح??د رفيق رجوانه، پاڻي ۽ بجلي وارو وفاقي وزير خواجه مح??د آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان، پاڻي ۽ بجلي وارو مملڪتي وزير عابد شير علي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ??تا??ه ڪيميڪل انڊسٽري لميٽيڊ فيصل آباد ۾ 40 ميگاواٽ جي ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهر جو افتتاح توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرائپ طرف اڳرائي آهي. ??تا??ه ڪيميڪلز انڊسٽريز جي چيف ايگزيڪيوٽو ميان مح??د ادريس ان موقعي تي منصوبي جي نمايان مقصدن تي روشني وڌي. نجي شعبي پاران اهڙن منصوبن جي شروعات انتهائي حوصلي جوڳي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار