انقره ، تهران _3 ڊسمبر (اي پي پي ) ترڪيه ۽ ايران شام جي ??ورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ شام کي دهشتگردي جو ڳڙهه بڻجڻ نه ڏينداسين . پرڏيهي ميڊيا مطابق شام کان پنهنجي فوري دوري تي ترڪيه پهچڻ بعد ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي ??رڪيه جي هم منصب هاڪان فيدان سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان ملاقات بعد هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيف ايراني سفارتڪار ايران ۽ شام وچ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شام کي دهشتگرد گروپ جو ڳڙهه بڻجڻ کان روڪڻ جي ??رورت آهي. هن شام ۾ دهشتگرد تنظيمن تي اسرائيل ۽ آمريڪا سان سهڪار حاصل ڪرڻ جو الزام لڳايو پر سندس ترڪيه جي هم منصب اهو الزام رد ڪري ڇڏيو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته شام جي ??طرناڪ صورتحال خطي جي ??مورن ملڪن کي متاثر ڪندي. هن نشاندهي ڪئي ته آستانه معاهدي جي ??والي سان ترڪيه ۽ ايران جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي . هن شام ب??بت علائقائي مشوري جي ??هميت تي زور ڏيندي شام جي ??ڪومت ۽ ان جي فوج جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
شام کي دهشتگردي جو ڳڙهه نه بڻجڻ ڏينداسين: ايران – ترڪيه جو اتفاق
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔