گڏيل قومون-30 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته غز?? جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ناڪاف?? آهي. چيني خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس سلامتي ڪائونسل جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته آئون قرارداد 2712 جي منظوري جي آجيان ڪريان ٿو جنهن ۾ سڄي غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري ۽ توسيع ٿيل راهدارين جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پر بدقسمتي سان ان قرارداد تي عملدرآمد ناڪاف?? آهي. هن چيو ته هو ان قرارداد جي ڪاميابي کي تڏهن تسليم ڪندو جڏهن غز?? جي ماڻهن جون زندگيون محفوظ ٿي وڃن، ماڻهن جو وقار بحال ٿي وڃي ۽ ماڻهن لاءِ امداد جي فراهمي يقيني ٿي وڃي، هن چيو ته هن وقت غزه جا ماڻهو پوري دنيا جي سامهون هڪ وڏ?? انساني تباهي جي ور چڙهيل آهن، هن چيو ته اسان کي پوئتي نه ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته اسان عارضي جنگ بندي ۾ توسيع جي ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا.هن چيو ته گڏيل قومون ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي غزه ۾ حقيقي انساني بنيادن تي جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسرائيل کي فلسطين سان گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون جي بنياد تي ٻه رياستي حل جي قيام طرف پرعزم ۽ ناقابل واپسي طريقي سان اڳتي وڌڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته ڳالهين ۾ ناڪامي فلسطين، اسرائيل سميت پوري دنيا کي تمام وڏ?? تباهي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو جنهن کي سنڀالڻ ناممڪن ٿي ويندو.
غزه جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردان تي عملدرآمد ناڪافي آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ