اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) پرڏيهي مع??ملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز افغان طالبان اڳواڻ کي مارڻ لاءِ پاڪستان جي علائقي ۾ ڪيل آمريڪي ڊرون حملا ڪري پاڪستان جي خودم??تي??ر جي ڀڃڪڙي تي آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جي ڪا به ڀڃڪڙي ٻنهي ملڪن جي لا??اپن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي. هن اهڙو اظهار پاڪستان جي دوري تي آيل آمريڪي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وفد کي ٻڌايو ته 21 مئي تي بلوچستان جي علائقي ۾ آمريڪا طرف??ن ڪيل ڊرون حملو نه رڳو پاڪستان جي خودم??تي??ري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي ۽ گڏيل قومن جي ضابطن ۽ پڌرنامن جي ڀڃڪڙي آهي پر ان سان ٻنهي ملڪن جي لا??اپن کي پڻ نقصان رسيو آهي.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر