واشنگٽن-01 جنوري (اي پي پي)آمريڪا هلندڙ سال چونڊن کان اڳ غلط معلومات ذريعي آمريڪي ووٽرز کي نشانو بنائڻ جي الزام تي ايران ۽ رو?? جي ٻن ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. پرڏ??هي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي واري کاتي جي عملدارن پابندين جو ??علان ڪندي الزام لاڳو ڪيو ته ٻنهي ادارن نومبر کان چونڊن کان اڳ آمريڪي ووٽرن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آمريڪي ڳجهن ادارن ٻنهي حڪومتن تي اهو الزام لڳايو ته هو جعلي ڊويزن، خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽن ذريعي غلط معلومات پکيڙي رهيون آهن، اهي ووٽرن تي اثر انداز ٿيڻ ۽ آمريڪي چونڊن ۾ اعتماد کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڊزائين ڪيون ويون هيون. عملدارن چيو ته رو?? ۾ موجوده رو?? جو ??دارو سينٽر فار جيو پوليٽيڪل ايڪسپرٽيز آمريڪي اميدوارن جي باري ۾ غلط معلومات پکيڙي ۽ مالي مدد ڪئي، ان ۾ مصنوعي ذهانت جو ??ستعمال ڪندي ٺاهيل ڊيپ فيڪ وڊيوز به شامل هيون. رو?? ۽ ايران جي اختيارين انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو ته هنن 2024ع جي چونڊن جي نتيجن تي اثر اندز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
آمريڪا پاران چونڊن ۾ غلط معلومات پکيڙڻ جي الزام سبب ايران ۽ روس جي ادارن تي پابنديون لاڳو
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری