ٽوڪيو _ 13 آگسٽ (اي پي پي ) جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو جي عالمي هوائي اڏي کي ڪارگو جهاز جي هنگامي لينڊنگ سبب بند ڪيو ويو. پرڏيهي اداري جي رپورٽ مطابق گذريل ڏينه?? ايٽلس ايئر جو ل??س اينجلس لاءِ روانو ٿيل بوئنگ 747 ڪارگو جهاز هائيڊرالڪ سسٽم جي خرابي سبب ٽوڪيو جي ناري??ا هوائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪئي جنهن دوران جهاز جو هڪ ٽائر ڦاٽي پيو . حادثي سبب هوائي اڏي جو رن وي اٽڪل 7 ڪلاڪن تائين بند رهيو. جاپان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت مطاب?? ان واقعي ۾ جهاز ۾ سوار عملي جي ستن ميمبرن مان ڪو به زخمي ناهي ٿيو. رن وي جي بندش باوجود ٻين اڏامن جي اچ وڃ ۾ ڪا خاص دير نه ٿي ۽ نه ئي وري ڪا اڏام ملتوي ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania