هنوئي-21 جون (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته آم??يڪا ۽ سندس اتحادي ملڪ جنگ جي ميدان ۾ روس کي ??سٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا پر ائين ممڪن ناهي، جيڪڏهن اسان جي ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو ته اسان سمورن دستياب ذريعن کي ??ستعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين. هن پنهنجي ويٽنام جي دوري دوران پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي چيو ته اولهه کي ??ها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته روس کي ??ڪست ڏيڻ ان جي عوام جي اتحاد سبب ناممڪن آهي. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته يوڪرين جنگ سبب اولهندي ملڪ?? سان روس جي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اولهه وارا ملڪ ظاهري طور اميد ڪن ٿا ته اسان ڪنهن به وقت خوفزده ٿي وينداسين، گڏ ئي اهو به چون ٿا ته اهي ميدان جنگ ۾ روس کي ??سٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا. روس لاءِ ان جو مطلب روسي رياست جو خاتمو آهي. ان جو مطلب روسي رياست جي هزار سالن جي تاريخ جو خاتمو آهي جيڪو ممڪن ناهي. روسي صدر اعتراف ڪيو ته ايٽمي هٿيارن جي استعمال بابت ڪنهن به تڪراري جي پوري انسانيت لاءِ سنگين نتيجا هوندا، پر هن موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ جو وجود خطي ۾ پئجي ويو ته روسي حڪومت سمورن دستياب ذريعن کي ??ستعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.
آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ جي خواهش پوري نه ٿيندي: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری