گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور چيو آهي ته اسرائيل سلام??ي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي. الجزيره موجب سلام??ي ڪائونسل جي صدر جي نالي هڪ خط ۾ هن چيو ته سلام??ي ڪائونسل طرفان قرارداد نمبر 2720، جنهن ۾ غزه ڏانهن ويندڙ رستو کولڻ ۽ اتي انساني همدردي جي بنياد ت?? امداد فراهم ڪرڻ جو چيو ويو آهي، کي منظور ٿيندي چار ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اسرائيل انهن چئن ڏينهن ۾ نه رڳو غزه ۾ فوجي ??ار??وايون جاري رکيون پر انهن ۾ اضافو ڪيو آهي. اسرائيل پنهنجي هر قول ۽ فعل مان اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته هو آباد??ار?? نوآبادياتي قابض، نسل پرست حڪومت ۽ دهشتگرد رياست آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي ڏوهن جي فهرست ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ان سڀني جي باوجود ڪجهه ملڪ اسرائيل خلاف ڪنهن به فورم ??ي ڪارروائي کي روڪڻ جا بهانا بڻائيندا آهن، انهن طرفان عالمي قانونن جي سرعام خلاف ورزين جو جواز پيش ڪندا آهن ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي جوابدهي کان بچائيندا آهن ۽ ان جي سياسي، عسڪري، مالي ۽ قانوني حمايت جاري رکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائون??ل، جنرل اسيمبلي ۽ پوري عالمي برادري کي حقارت سان ٺڪرائي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ ٻي قرارداد کي 14 ڏينهن ٿي چڪا آهن ان جي باوجود اسرائيل فلسطينين خلاف پنهنجي نسل ڪشي جي جنگ جاري رکي آهي.
اسرائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena