گڏيل قومون -14 نومبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن خبردار ڪيو آهي، ته اسرائيل طرفان غزه ۾ اچ وڃ جا رستا بند ٿيڻ سبب انساني صورتحال وڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻارڻ جي گهٽتائي سبب امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اچ وڃ بند ٿي سگهي ٿي، والاريل فلسطيني علائقي ۾ گڏ??ل قومن جي انسان?? معاملن واري آفيس او سي ايڇ اي جي آفيس جي سربراهه والاريل بي?? المقدس مان ويڊيو لنڪ ذريعي نيويارڪ ۾ گڏ??ل قومن جي ??يڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته غزه جي پٽي ۾ انساني زندگيون انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ مبتلا آهن، جن ۾ اسپتالن جي انڪيوبيٽرز ۾ علاج هيٺ ٻار به شامل آهن، جن جي زندگين جو دارومدار اسپتال ۾ بجلي جي فراهمي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي ۽ ٻارڻ جي فراهمي ٿيڻ گهرجي ۽ وڏي تباهي ٿيڻ کان پهرين قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ان کان پهرين جو دير ٿي وڃي.
غزه ۾ وڏي تباهي کي روڪڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا