ڪولالمپور -07 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا ڄاڻايل آمريڪي قانون تحت حماس ۽ ٻين ويڙهاڪ فلسطيني گروپن جي حامين تي پابنديون کي رد ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پارليامينٽ ۾ هڪ لکت واري جواب ۾ چيو ته سندس ملڪ فلسطيني گروپن جي حامين تي هڪ طرفين پابندين کي تسيلم نه ڪندو. آمريڪي نمائندن واري ايوان گذريل ??فتي حماس انٽرنيشنل فنانسنگ پريوينشن ايڪٽ جي ??نظ??ري ڏني ه??ي جنهن جو مقصد حماس ۽ ٻين فلسطيني گروپن کي ملندڙ عالمي مالي امداد کي روڪڻ هو. ان بل جي آمريڪي سيينٽ مان ??نظ??ري اڃا باقي آهي. ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته ڄاڻايل آمريڪي بل ملائيشيا کي تڏهن متاثر ڪري سگهي ٿو جڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته حماس يا اسلامي جهاد کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ملائيشيا خلاف ڪي به پابنديون آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي ڪمپنين جي تشخيص سان گڏوگڏ ملائيشيا ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري جا موقعا به متاثر ڪري سگهن ٿيون. واضح رهي ته ملائيشيا جا اسرائيل سان سفارتي ناتا قائم ناهن.
فلسطيني گروپن جي حامين تي هڪ طرفيون آمريڪي پابنديون نه مڃينداسين: ملائيشيا
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا