ولنيئس -12 ??ولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن سوئيڊن جي نيٽو ۾ شموليت جي مخالفت ختم ڪرڻ تي ??نهنجي ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان جو شڪريو ادا ڪيو آهي ۽ ان جي همت ۽ دليراڻي قيادت جي تعريف ڪئي آهي ۽ سندس ان فيصلي کي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق هن لٿوانيا جي گادي واري هنڌ ولنيئس ۾ نيٽو جي ٻن ڏينهن واري سربراهه اجلاس جي موقعي تي ترڪ صدر اردگان سان ملاقات دوران چيو ته مان اوهان جي سفارتڪاري ۽ ان کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اوهان جي همت ۽ حوصلي تي توهان جو شڪرو ادا ڪرڻ چا??يان ٿو. فرانسيسي خابرو اداري مطابق آمريڪي اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ترڪ صدر جي ان فيصلي کان پوءِ آمريڪا طرفان ترڪيه کي ايف16 ويڙهاڪ جهازن جي فراهمي وارا قدم تيز ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته اولهه گادي واري هنڌ ترڪ صدر طرفان سوئيڊن جي ??يم??ر شپ جي راهه م رڪاوٽ وجهڻ تي ??ايوسي ۾ اضافو ٿي رهيو هو. سوئيڊن جي اتحاد ۾ شموليت جي ڪوشش کي مڪمل ٿيڻ لاءِ نيٽو جي ??يم??رن جي گڏيل من??ور?? گهربل هئي. سوئيڊن گذريل سال يوڪرين تي روس جي فوج جي حملي جواب ۾ فن لينڊ سان گڏ ملي نيٽو جي ??يم??رشپ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي هئي پر ترڪيه ۽ هنگري ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا.
آمريڪي صدر سوئيڊن جي نيٽو ميمبرشپ جي مخالفت ختم ڪرڻ تي ترڪيه جي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر