مڪو شريف- 02 جون (اي پي پي)سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزير شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ چيو آهي ته حاجي سڳور?? جي خدمتن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ڪن??ن به اهلڪار سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. سعودي اخبار موجب هن منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات جي دوري جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ته حج سيزن دوران سمورن اهلڪار?? جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ لاءِ نگران ٽيمون مقرر ڪيون ويون آه?? جيڪي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي تي آهن ۽ آخري حاجي جي روانگي تائين نگراني جاري رکي ويندي. هن پنهنجي دوري جي شروعات عرفات جي مسجد نمره، اتان کان وزارت جي صدر آفيس ۽ دعوڪيبنز کان ڪيو، هن مزدلفه ۾ مسجد المشعر الحرام جا ا??تظ??م ڏٺا، هن منيٰ ۾ مسجد الخيف جو به دورو ڪيو. هن چيو ته مڪي شريف ۾ اصلاح ۽ مرمت جو ڪم 100 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. اسلامي معاملن واري وزير چيو ته اسا?? جي وزارت حاجين کي انه?? جي پنهنجي ٻولي ۾ دين ۽ حج معاملن بابت آگ??هي فراهم ڪرڻ لاءِ ٻيڻي تعداد ۾ مبلغ ۽ ترجمو ڪندڙ مقرر ڪيا آهن جنهن ۾ عورتون به شامل آهن. وزارت ٽيليفون ذريعي 32 ملين آگ??هي پروگرام?? جي به منظوري ڏني جڏهن ته ايس ايم ايس ذريعي به دعوتي پيغام ڏنا پيا وڃن.
حاجي سڳورن جي خدمتن ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: اسلامي معاملن وارو وزير
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن