اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر سردار اياز صادق سان برطانيا جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري، پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقي ھميش فالڪز ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق اسپ??ڪر پارليامينٽ ھائوس آمد تي ھميش فالڪز جي آجيان ڪئي. اسپ??ڪر برطانيا جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽر?? پرڏيھي وزير ھميش فالڪز ل??ءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. اسپ??ڪر دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه جو ھڪ سرگرم ميمبر آھي، دولت مشترڪه جو ھڪ ذميوار ميمبر ھجڻ جي حيثيت سان پاڪستان ھميشه دولت مشترڪه جي فيصلن ۽ پاليسين جي پاسداري ڪئي آھي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جمھوري ادارن کي مستحڪم بنائڻ ل??ءِ برطانيه ۽ دولت مشترڪه جون ڪاوشون واکاڻ جوڳون آھن، پاڪستان برطانيه سان پنھنجي پائيدار، تاريخي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏ?? اھميت ڏئي ٿو. ان موقعي تي ھميش فالڪز پاڪستان ۾ جمھوري ادارن کي مستحڪم بڻائڻ ل??ءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پارلياماني معاملن بابت انڊر اسيڪريٽر?? پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ھميش فالڪز شاندار آجيان تي قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر جو شڪريو ادا ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان برطانيه جي پرڏيھي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت