راولپنڊي-24 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير گهڻ قومي مشق انڊس شيلڊ 2024ع جو مشاهدو ڪيو ۽ ايئر فورس جي جنگي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. آءِ ايس پي آر موجب گهڻ قومي مشق انڊس شيلڊ 2024ع جي مشاهدي لاءِ اچڻ تي ??يف آف ايئر اسٽاف، ايئر ??يف مارشل ظهير احمد بابر آرمي ??يف جنرل عاصم منير جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پڻ موجود هو. آرمي ??يف مشقن جي آپريشنز، ٽيڪنالاجيز جي ڊسپلي جو مشاهدو ڪيو، کيس سيڪيورٽي چئلينجن سان هم آهنگ رهڻ لاءِ پ??ڪ فضائيه جي ڪوششن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي آرمي ??يف جنرل عاصم منير ايئر ڪريو سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير هوائي سرحدن جي حفاظت لاءِ پي اي ايف اهلڪارن جي عزم کي ساراهيو ۽ اپ گريڊيشن جي مختلف پروگرامن تي اطمينان جو اظهار ڪ??دي انٽر سروس سهڪار جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. ان موقعي تي پاڪ فضائيه جي سربراهه آرمي ??يف جي دوري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته آرمي ??يف جو دورو تربيت ۽ آپريشنل شعبي ۾ فوج ۽ فضائيه وچ ۾ سهڪار وڌائڻ واري عزم کي سگهه ڏي ٿو. ايئر ??يف مارشل ظهير احمد بابر جو چوڻ هو ته مشق انڊس شيلڊ 20224ع شريڪ ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. مشق پنهنجي فضائي ۽ زميني عملي کي جنگي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي تربيت ڏيندي. مشق انڊس شيلڊ 2024ع خطي جي سڀ کان وڏي گهڻ قومي مشق آهي جنهن ۾ 24 فضائي فوجون شريڪ آهن.
آرمي چيف گهڻ قومي مشق انڊس شيلڊ 2024ع جو مشاهدو ڪيو، پاڪ فضائيه جي جنگي تيارين تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria